چانڊورام، سَنت

چانڊورام، سَنت

چانڊورام سَنت

چانڊورام، سَنت: سنت چانڊورام، جنم اشٽميءَ جي ڏينهن، سيپٽمبر 1947ع ۾ پني عاقل تعلقي ۾ پنوعاقل کان ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڳوٺ عالم خان جتوئيءَ ۾ سنت آسودارام جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سنت آسودا رام رهڙڪيءَ جي گاديسر سترام داس جو طالب ۽ مريد هو. ڀڳت ڪنوررام سان به گهري نيازمندي هئس. ڀڳت ڪنوررام سنت آسودارام جي روحاني منزل کان چڱيءَ طرح باخبر هو ۽ اڪثر ايندي ويندي سنت سان رهاڻين لاءِ ڳوٺ عالم خان جتوئيءَ پهچندو هو ۽ راڳ ويراڳ ڪندو هو. سرڳواسي سنت آسودارام جي هن وقت پني عاقل ۾ وڏي درٻار آهي، سو هڪ فقير منش، توڪلي ۽ رحمدل شخص هو.
ڀائي چانڊورام پرائمري تعليم سنڌي پرائمري اسڪول پني عاقل مان حاصل ڪئي. پني عاقل جو ناليوارو استاد محمد نواز ڀٽو سندس استاد هو، اڄ سوڌو ڀائي چانڊورام سندس تمام وڏي تعظيم ڪندو ۽ کيس گرو جي حيثيت ڏيندو آهي، ڀائي صاحب ثانوي تعليم ڊي سي هاءِ اسڪول پني عاقل مان حاصل ڪئي.
ڀائي چانڊورام عالم ۽ فاضل شخص آهي ۽ سنڌ جي صوفين ۽ سنتن جو عاشق آهي، شاهه، سچل، سامي، بيدل ۽ روحل ۽ ڪنڊڙيءَ جي ٻين درويشن جو عقيدتمند آهي. سندس مطالعو وسيع آهي، هو ساميءَ جي سلوڪن جو حافظ ۽ وڏو شارح آهي.
ڀائي چانڊورام جا خانداني مرشد رهڙڪي صاحب وارا آهن، پر پاڻ ڏهرڪي درٻار جي ڀائي ڀوڄارام صاحب جو فيض يافته به آهي، جنهن جو مرشد ڪنڊي جو فقير دريا خان آهي. ڀائي صاحب پني عاقل مان 1978ع ۾ لڏي لکنو ڀارت وڃي رهيو، جتي سندس وڏي درٻار آهي، جتي چوويهه ئي ڪلاڪ لنگر جاري رهندو آهي، سندس پوئلڳ هند ۽ سنڌ ۾ هزارن جي تعداد ۾ آهن، ڀائي صاحب پني عاقل ۾ عام ۽ خاص جي خدمت لاءِ سخي بابا ميٽرنٽي هوم قائم ڪرايو آهي، جتي سمورين بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر ڪراچي ۽ حيدرآباد کان اچن ٿا ۽ عوام جي مفت خدمت ڪن ٿا. ان لاءِ باقاعدي هڪ سوسائٽي قائم آهي، جيڪا ڊاڪٽر هري لال ڀاڳيا ۽ ڊاڪٽر راجيندر پرشاد جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪري رهي آهي. هن اسپتال جو 80 سيڪڙو خرچ ڀائي صاحب ۽ ان جي پوئلڳن جو آهي، ان کان سواءِ سندس نگرانيءَ هيٺ هند ۽ سنڌ ۾ ڪيترا فلاحي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن. ڀائي صاحب راڳ ويراڳ جو به ڄاڻو آهي. پاڻ به ڪڏهن آلاپيندو آهي. سندس آواز ۾ وڏي ڪشش ۽ لرزش آهي. ڀائي صاحب غريبن جو يار ۽ ضرورتمندن جو مددگار آهي. سنت چانڊورام پاڻ کي داس سڏائي ٿو، سڀني سان هٿ جوڙي نوڙت سان ملي ۽ ڳالهائي ٿو. سنت چانڊورام، ڀڳت ڪنور رام جو ڇهن مڻن جو سنگ مرمر جو مجسمو تيار ڪرائي، 2006ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري ۾ هڪ تقريب دوران لڳرايو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو